ــــــــــــ الطاف شيخ



گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا ـــــ الطاف
اُها سخت شپڪي واري برسات جي رات هئي. مان پنهنجي ننڍي شهر هالا ۾ پنهنجي گهر جي ماڙيءَ تي ورانڊي ۾ ڪرسي تي ويهي الطاف شيخ جو سفرنامو ”منهنجو ساگر، منهجو ساحل“ پڙهي رهيو هوس. برسات منهنجي پسنديده مُند آهي ۽ مان انهيءَ ۾ اڪثر ڪنهن محبوبه سان رلندو آهيان يا وري ڪنهن محبوب ليکڪ جو ڪتاب پڙهي، انهيءَ ۾ لکيل ڳالهين کي ذهن ۾ وهاري ڇڏيندو آهيان.هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مونکي نئون نئون ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳيو هو ۽ الطاف جي انهيءَ ڪتاب مون ۾ به هر سنڌي نوجوان وانگر، دنيا گهمڻ جو شوق پيدا ڪيو ۽ گڏو گڏ، جهازن تي نوڪري ڪرڻ جو شوق پيداڪيو. اُها برساتي رات، جنهن ۾ خوش قسمتيءَ سان بجلي بند نه ٿي هئي، مان هڪ ئي وهڪ ۾ الطاف جو اهو ڪتاب پڙهي ويوهوس ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ موجود ڪيئي پُرڪشش جملا، لطيفا ۽ گهمڻ واريون جايون ذهن تي نقش ٿيل آهن.سنڌ، هڪ تمام ننڍڙو علائقو آهي. هڪ تمام محدود ڌرتي آهي، جنهن کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافتي ورثا ضرور آهن پر سنڌ جي ترقيءَ ڪرڻ وارو تناسب ٻي ترقي يافته دنيا کان سؤ ڀيرا پوئتي آهي ۽ انهيءَ جو پوئتي هجڻ جو اهم سبب آهي؛ اسان وٽ معلومات جي کوٽ، معاشي سڌارن ۾، ٻين ترقي يافته قومن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ثقافت مان سکڻ اسان ماڻهن سکيو ئي ناهي، الٽو اسان سٺين قومن جي سُٺين عادتن کي رد ڪري پنهنجي جسم جو وڏيرڪو ڪنڌ اوچو رکڻ چاهيو آهي.الطاف شيخ، انهيءَ وقت سفرناما لکڻ شروع ڪيا جڏهن اندرونِ سنڌ، ماڻهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جو شعور ئي ڪونه هو ۽ نه ئي جهازن جي نوڪريءَ جي مڪمل ڄاڻ هئي. اها هڪ انتهائي تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل 30-25 سالن کان پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ جي داخلا لاءِ هر سال نه ڄاڻ ڪيترائي سنڌي ڇوڪرا ڪوشش ڪن ٿا ۽ ڪيئي ڪامياب پڻ ٿين ٿا.الطاف، آڱر کان وٺي هڪ پڙهندڙ کي مُلڪ گهمائي ٿو. هو ريل، بس کان وٺي گهوڙي گاڏين تائين، ڪيئي مزاحيه، معلوماتي ۽ افسانوي خبرون ٻڌائيندو هلي ٿو. سندس سفرناما پڙهڻ کان پوءِ، ڪنهن به ماڻهوءَ کي انهيءَ ملڪ جو جاري ڪيل ٽوئرسٽن لاءِ ڪتاب پڙهڻ لازمي ناهي.جهڙيءَ طرح سان پاڪستان ۾ ضياءُ مُحي الدين کي ٿيٽر پيدا ڪرڻ لاءِ باني ڪوٺي سگهجي ٿو، اهڙيءَ طرح سان الطاف شيخ کي سنڌ ۾ سفرناما لکڻ جو باني ڪوٺي سگهجي ٿو.جيتوڻيڪ سندس پڙهندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي جو کيس انهيءَ سلسلي ۾ خط به لاتعداد ملندا رهندا آهن پر ڪجهه ڳالهيون، سندس سفرنامن جي حوالي سان تشريح هيٺ اچڻ گهرجن.1. هيءُ هڪ تمام Optimisic ليکڪ آهي. روزمره جي مسئلن کان علاوه جيڪي زندگيءَ جا ڳوڙها مسئلا ٿين ٿا، انهن کان سندس سفرناما وانجهيل هوندا آهن. منهنجو اشارو، ملڪن جي سياسي صورتحال طرف به آهي. گڏوگڏ فلسفي، نفسيات ۽ سماجي سائنس جي طرف به آهي. سفر هڪ ڀرپور تخليق جو نالو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ کي ڪيئي اهڙا ڪردار ملندا آهن جن جو پسمنظرزندگيءَ جي مختلف فلسفن ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ جن جي ڪري انسان جو ڪائناتي تصور واضح ٿيڻ لڳندو آهي. بيشڪ الطاف، جتي به هوندو آهي ڪوشش ڪري، ماڻهن منجهه رهڻ چاهيندو آهي ۽ ڪوشش ڪري سندن زندگيءَ جا راز به معلوم ڪري ڪتابن ۾ لکندو آهي. پر هيڏي ساري پرديس جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪردار سندس ويجهو نه اچي سگهيو جنهن کي هُو پنهنجي سموري ڪتاب جو موضوع بنائي سگهي. ائين گهرن، بازارن، پارڪن ۽ ميوزم ۾ گهمڻ تمام سٺي ڳالهه آهي، انهن جي معلومات، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ تمام وڏي اهميت پڻ رکي ٿي. پر انهن ملڪن جي سياسي جُلوسن، ماڻهن جي سياسي نفسيات ۽ انهيءَ جو بين الاقوامي سياست سان ڳانڍاپو؛ اهو پڻ سنڌي ماڻهوءَ جو اهم موضوع آهي. جنهن موضوع کي اميد هئي ته الطاف پنهنجي پهرين سفرنامن کان پوءِ ڇهندو پر لکڻ جو سندس ساڳيو انداز، جاري رهيو. جڏهن ته مان سمجهان ٿو، انهيءَ وچ ۾، سنڌي ماڻهوءَ جي نفسيات تبديل ٿيندي رهي. هُن مارشلالا خلاف ويڙهه کاڌي. جمهوريت جي لفظ جي کيس ڄاڻ ٿي. هن بنگال، ويٽنام، فلسطين، سائوٿ آفريڪا، بوسنيا جي قومن جي صورتحال کي ڏٺو ۽ پرکيو ۽ پنهنجو پاڻ کي تاريخ جي آئيني ۾ ڀڳل ٽٽل شڪلين سان ڏسندو رهيو. کيس اڄ تائين اهو سمجهه ۾ نه آيو آهي ته قومپرستي، آخر ڪهڙي حد تي نسل پرستي بنجي ٿي ۽ روسُ جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ جا سبب ڇا آهن؟2. اخبارن ۽ رسالن کان وٺي ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا جي پيدا ڪيل تصور کان سواءِ هڪ اهڙو به تصور آهي، جيڪو ڪنهن به علائقي جو ليکڪ ڏيئي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته هر اهو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ کان سواءِ ٻي دنيا ڏسي ٿو، انهيءَ کي ڌرتيءَ جي رنگن جي وڌيڪ ڄاڻ ٿئي ٿي ۽ قومن جي تقدير ڦيرائي سگهي ٿو. الطاف شيخ، سنڌي ادب ۾ هڪ علحده شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس اسٽائل هر مصنوعيت کان نرالو آهي. هو گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا بنجي ويو آهي.هو پيار جو پانڌيئڙو آهي. تمام تکو ۽ محنت ڪندڙ انسان آهي. هن کي سندس مَن ۾، معصوم ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ درد آهي. گڏو گڏ تمام شعوري طور تي هُن سنڌي عام پڙهندڙ ۽ هڪ معاشرتي شعور پيدا ڪيو آهي. سندس شرميلي طبيعت مان هميشه ائين لڳندوآهي ڄڻ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ سان ملاقات ٿي هجي، جنهن جو تازو مڱڻو ٿيو آهي. اها طبيعت سندس لکڻين ۾ پڻ ظاهر ٿيندي آهي. سنڌي سماج ۾ جهڙيءَ طرح ڪو نوجوان، يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ دوران هاسٽل مان گهر ايندو آهي ۽ سياري جي راتين ۾ سگري ٻاري گهر وارن کي هاسٽل جون ڳالهيون، مرچ مصالحه ملائي ٻڌائيندو آهي، بلڪل اهڙي طرح الطاف ملڪن کان ٻاهر رهي، ڪچهريءَ جو معيلو مچايو ويٺو هوندو آهي.3. هن وقت الطاف شيخ ايتري دنيا گهمي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ هر هنڌ تي مختلف ماڻهن سان ايترا تعلقات پکيڙي چڪو آهي جو جيڪڏهن ڪٿي وڃبو ۽ اهو ٻڌائبو ته اسين سنڌ مان آيا آهيون ته هُو چوندا ته جتان جو الطاف آهي. جيئن ته مون پهرين عرض ڪيو ته سنڌ هڪ تمام محدود علائقو آهي تنهن ڪري انهيءَ جي پڙهندڙن جو تعداد (پاڪستان جي تعليمي شرح نظر ۾ رکندي) به تمام معمولي آهي. تمام گهڻا ماڻهو اخبار پڙهنداآهن ۽ ادبي ڪتابن کي هٿ به لاهڻ نه چاهينداآهن. پر اهو ضرور محسوس ڪيو ويو آهي ته هر گهر۾ دوشيزه، اخبار خواتين، سب رنگ، عمران سيريز جي ڪتابن سان گڏ سنڌيءَ جو اهو واحد ليکڪ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ سندس سفرناما، هر عُمر جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان پڙهن ٿا جن ۾ ڪيئي ماڻهو ريل جي ڊگهي سفر کي موت ڏيڻ لاءِ، هيرالڊرابنس، سڊني شيلڊن جهڙن بيسٽ سيلرز سان الطاف شيخ کي به پڙهن ٿا. جو سندس ڪتابن ۾ اسان جي معاشري جو ڇهاءُ تمام گهڻي پرڪشش انداز ۾ ڏنل هوندو آهي.4. فطرت جي گهري ويجهڙائپ، جيڪا ماڻهوءَ کي هڪ خيالي شخص بنائي ڇڏيندي آهي. جنهن ۾ دريائن، پهاڙن، سمنڊن، تارن، پکين، برف ۽ برف سان سلهاڙيل برفاني پيچرن جو ذڪر هوندو آهي جيڪا انسان کي ڪائناتي تصور ۾ امر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انسان غير شعوري طور تي هميشه فطرت جي ويجهو رهڻ چاهيو آهي. جنهن ۾ سائنس ۽ نين سائنسي تخليقات جو ذڪر پڻ اچي ٿو ۽ فطرت کي جتي آئنسٽائين اچي بيهاريو هو، اتان کان انسان جي اندر ۾ ڪهڙ ي ولوڙ پيدا ٿيندي آهي. انهن ساڳين ملڪن ۾ علم طب، ٽيڪنيڪل دنيا، نيوڪليئر انرجي، ماحول جي آلودگي بابت ۽ کوڙ سارن اهڙن دنيا جي مسئلن بابت کوجنا ٿي رهي آهي. جيڪا مختلف اخبارن ۽ رسالن مان معلوم ٿيندي رهندي آهي، جتي الطاف گهمندو رهي ٿو. سندس ڪتابن ۾ اهڙي ڪابه تحقيق واضح نموني ظاهر نه ٿي آهي. هُن انساني روين ۾ ننڍڙين شين کي پنهنجي قلم جو موضوع بنايو، جيڪي هُن لاءِ تمام آسان هيون ۽ سندس زندگيءَ جو حصو پڻ هيون.مونکي ياد پوي ٿو؛ پارسين جي لاشن بابت هُن جيڪو مضمون لکيو هو، جنهن ۾ هُن فوٽوگرافي به ڪئي ته ڪيئين پارسين جي لاشن تي ڳِجهون گهر ڪري اچي وهنديون آهن. ته اهڙي قسم جا چند مضمون تمام لاڀائتا هو لکي چڪو آهي. سندس چوڻ موجب ته هُن انهيءَ مضمون تي ٻه سال محنت ڪئي تڏهن کيس مڪمل معلومات ملي سگهي. ليکڪ کي ڪهڙي شعبن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، انهيءَ جو فيصلو، انهيءَ ٻوليءَ جو پڙهندڙ ئي ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن هيمنگوي کي هڪ ناول لکڻ ۾ 10 سال لڳي سگهن ٿا ته پوءِ اسان جو ليکڪ هڪ مهيني ۾ هڪ ڪتاب ڪيئن ٿو لکي وٺي. اهڙيءَ طرح الطاف جا اهي موضوع جن تي هُن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي يا اُهي ملڪ جن سان کيس ڏاڍو چاهه رهيو آهي، اُهي پڙهندڙ لاءِ تمام وڏو پليٽ فارم کولي سگهن ٿا. جيئن جپان سان گهڻي دل هجڻ ڪري سندس ڪتاب ”جپان جن جي جيءُ سان“ گهڻي وقت کان پوءِ هڪ ڀرپور ڪتاب هيو جنهن ۾ هُن هڪ تشبيهه ڏني هئي ته ”ٿڪل ٽٽل ماڻهو، رات جو گهر پهچي ڪمري ۾ ماچيس جي تيلين وانگر سمهي ٿا رهن.“ پر سندس ڪيئي ڪتاب هڪ ٽوئر گائيڊ طور استعمال ڪري سگهجن ٿا جو سندس ذهن ۾ شايد هميشه اها وابستگي رهي آهي ته ماڻهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن سندن علم ۾ اضافو ٿئي. پوين 30 سالن ۾ جڏهن کان الطاف شيخ لکي رهيو آهي، اهو ڏاڍي شدت سان محسوس به ڪيو ويو آهي ته سنڌي پڙهندڙ جي معلومات وارو خانو، تمام معمولي تناسب سان ڀرجندو رهيو آهي، جنهن ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن جو هڪ اهم ڪردار آهي.ڪجهه هن ڪتاب جي باري ۾ مان قطعي ان لائق نه آهيان جو الطاف شيخ جي ڪنهن ڪتاب تي پيش لفظ لکي سگهان. ڇو ته پهرين مان سندس مداحن مان آهيان. ٻيو ته زندگيءَ جي ڪيترن ئي هنڌن تي هُو منهنجي محسن جيان مون سان گڏ رهيو آهي ۽ همت افزائي ڪئي آهي. ننڍي هوندي سندس ڏنل ڪتابن جي کوکي مان اڃا تائين ڪتاب پڙهي رهيو آهيان. ائين کڻي چئجي ته هُن مون کي پنهنجن ٻارن جيان سمجهيو آهي. پر هُن کي سندس ئي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ لاءِ چئي انگريزيءَ جي شايد هن جملي کي ذهن ۾ رکيو آهي:Child is the father of man.سندس اِها ڳالهه ساراهڻ جوڳي آهي ته هُو هميشه ننڍن کان به سکڻ چاهيندو آهي. بهرحال هن ڪتاب جي بار ي ۾ جيڪي ڪجهه به لکندس اُها منهنجي راءِ هوندي ۽ نه ڪي پڙهندڙن لاءِ پيش لفظ.هن ڪتاب جو رُوح يامرڪزي خيال هن طرح آهي ته يورپ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن لاءِ ڏاڍا تنگ نظر رويا محسوس ٿين ٿا ۽ پور ي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ٿيندو رهي ٿو. خاص طور تي آفريڪن شيدين سان هاسٽل جي ڪمري ۾ جيڪو بحث، الطاف، پنهنجي حساس طبيعت جي ڪر ي نوٽ ڪيو آهي ۽ آفريڪي ماڻهن جي احساس کي چڱيءَ طرح محسوس ڪيو آهي، اُهو ڏاڍو نرالو آهي. ان قسم جي مشابهت مان محسوس ٿيندو آهي ته ليکڪ جي اندر ۾ عزت، احترام ۽ اخلاق جا رويا ڪيئن جڙن ٿا. سئيڊن ۾ اتي جي مقامي ماڻهن کي آفريڪي شيدن لاءِ حقارت جي نظر سان ڏسندي، جيڪو درد محسوس ڪري ٿو انهيءَ مان سندس ڪائنات جي باري ۾ هڪ دردمندانه سوچ جي پروڙ ٿئي ٿي. هُو اِها ڳالهه شروع ڪندي ئي لکي ٿو:”آئون دل ۾ سوچيندو آهيان ته هتي جي يورپي ماڻهن کي ڪهڙ ي خبر ته هي جيڪي ڪارا آفريڪي شيدي سندن شهر مالمو ۾ ڦري رهيا آهن، ڪو تعليم بالغان لاءِ نه آيا آهن پر انهن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اهم پوسٽ تي آفيسر ۽ پنهنجي پنهنجي ڪم جو ماهر آهي.“الطاف هڪ اهڙ ي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي آيو آهي جتي ساڻس، دنيا جي هر ملڪ جا بهترين ماڻهو گڏ پڙهيا ٿي. انهيءَ پوري ماحول ۾ الطاف کي آفريڪا جي ذهين، معصوم ۽ ڏکويل شيدين جي ويجهو رهڻ پسند آيو. جن کي رنگ ۽ نسل جي بنياد آمريڪا ۽ يورپ ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي. هيءُ بحث شايد انهن ڏينهن ۾ ٿيو هوندو جڏهن اڃا نيلسن منڊيلا جي چونڊن واري ڪئمپ هلي پئي جيڪو هن وقت سائوٿ آفريڪا جو صدر منتخب ٿي چڪو آهي. جيڪا ڳالهه هڪ خوش آئنده جي نشاني آهي ۽ اوندهه ۾ ڏيئو ٻرڻ جي برابر آهي. بهرحال انهيءَ حقيقت کان به مُنهن نٿو موڙي سگهجي ته محروميءَ ۾ هميشه تخليق پيدا ٿيندي آهي تنهن ڪري ئي ڪارن ماڻهن جا ڪارناما، پوري دنيا ۾ ڳايا ويندا آهن. اتر آمريڪا جي هڪ ليکڪ ”بُڪر واشنگٽن“ جي انوکي مثال دنيا جي تاريخ کي ڏڪائي وڌو هو جنهن جي ناول ”Up from Slavery“ جو تقريباً 35_ 30 زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ ۾ پڻ مرزا قليچ بيگ، ”غلاميءَ مان چاڙهو“ جي عنوان سان اهو ناول ترجمو ڪيو هو. ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪري اهو بي نام ٻيٽ هاڻ شيدين جي شناخت بڻيل آهي. پر اخبارن ۽ ٽي وي وغيره تي تڏهن به سندن مختلف عادتن کي نشانو بنائي، کين هڪ گهٽ قوم ظاهر ڪيو ويندو آهي. جيئن الطاف واري انهيءَ بحث ۾ Aids (ايڊز) جي حوالي سان پڻ ڪيئي مثال ڏنا ويا آهن. مون کي لڳي ٿو ته شايد اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب جو عنوان: ”اڇن جي ملڪن ۾ اسين ڪارا“ رکيو ويو آهي.الطاف شيخ جي سڀني ڪتابن جيان هن ڪتاب ۾ به ڪجهه مخصوص خوبيون واضح آهن، جيڪي هاڻ سندس شخصيت جو حصو بنجي چڪيون آهن. اُهي آهن ننڍڙا ننڍڙا ڀوڳ، سنڌ جي جاگرافي ۽ ثقافت جي مڪمل ڄاڻ، سنڌ سان وابستگي هجڻ جي ڪري ڪيترائي حوالا ۽ تشبيهون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هر نئين شيءِ جي معلومات.هن ڪتاب جو هڪ انتهائي مختصر مضمون، ”نيرن مسئلو ناهي“ ۾ الطاف شيخ جو فطرت ۽ سنڌ سان پيار واضح ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته هن وقت، هو ڪافي دنيا لتاڙي چڪو آهي ۽ عمر ۽ تجربي جي اهڙي حصي ۾ آهي جتي ماڻهو پنهنجي ديس ۽ انهيءَ جي اوڻاين کان ڪڪ اچي ويندو آهي.هُو صبح ساڻ الوپ ننڊ مان جاڳي ٿو ۽ سندس ڪنن، اکين، ذهن ۽ روح جي چڻنگين کي، ٻاهر جا پکي ڇيڙين ٿا ۽ هُو پنهنجي مڪمل معلومات کي استعال ڪندي لکي ٿو:”بهرحال هتي جي ٿلهن ڳيرن، ڪبوترن کي اونهاري ۾ شاهه پنجو، باڊهه، بوبڪ هلي ڇڏجي ته ان ئي وقت گذاري وڃن. ساڳي طرح سوڀو ديرو ۽ سانڌاڻ جا پکي سياري ۾ سئيڊن سان جيڪر سرڳواسي ٿي وڃن.“فطرت جو حُسن سندس اندر ۾ سمايل آهي تنهن ڪري ئي هو پکين جي رنگن، ٻولين ۽ سندن جيئاپي جو ذڪر ڪري ٿو پر هي اهڙا موضوع آهن جن جو ڪائنات جي سڀ کان وڏي مخلوق، انسان سان گهرو تعلق آهي ۽ هي موضُوع سندس الڳ الڳ ڪتابن جا موضوع بنجي سگهن ٿا.الطاف، انهن سينئر ليکڪن مان آهي جن سنڌي ادب جي انهن ماڻهن سان گڏ سفر شروع ڪيو جڏهن اڃا سنڌي ادب جي ڪا تاريخ ئي نه جُڙي هئي يا جيڪڏهن هُئي ته نالي ماتر، مثلاَ، حميد سنڌي، امر جليل، آغا سليم، علي بابا، نسيم کرل وغيره. پر اهڙن ليکڪن جي کيپ ۾ هيءُ واحد ليکڪ آهي جنهن مسلسل لکيو آهي ۽ پنهنجي قلم کي جيئندان ڏيندو آيو آهي. هن وقت نئين نسل جي نوجوانن جو سينئر ليکڪن تي اهوئي الزام يا شڪايت آهي ته هنن هڪ ٻه ڪتاب لکي، پوءِ انهن ئي ڪتابن جو کٽيو کائڻ چاهيو آهي ۽ سندن چند ڪهاڻين ئي کين امرتا بخشي آهي. اهو بحث تمام ڊگهو آهي. الطاف شيخ، شايد، سنڌ ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين کان چڱيءَ طرح واقف نه هوندو پر هڪ ڳالهه جيڪا ڪنهن انگريزي يا ڪنهن امير ٻولي ءَ جي ليکڪ سان سنڌيءَ ٻوليءَ جي ليکڪ کي ڀيٽڻ تي محسوس ٿئي ٿي، اها آهي، سندس نان پروفيشنل هجڻ. ايترن ڪتابن جو ليکڪ جيڪڏهن، انگريزي، جرمن، فرينچ يا وري ڀلي عربي ۽ روسيءَ جو به ليکڪ هوندو جيترن ڪتابن جو الطاف شيخ آهي ته شايد هڪ وڏي صوبي جيتري جائداد هجيس ها. اسان جا ليکڪ، عظمت جي شوق ۾ به نان پروفيشنل آهن ته وري حالتن پٽاندر پڻ. اها ڳالهه مونکي تڏهن محسوس ٿي جڏهن الطاف شيخ جا هي لفظ، سندس هن سفرنامي ۾ پڙهيم جڏهن کيس ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪو همراهه چانهه پيئاري جهاز تائين وٺي اچي ٿو صرف ان ڪري جو هو سنڌيءَ ۾ مشهور ليکڪ آهي.”لکڻ تان مون جهڙن جي دل ضرور کٽي ٿيندي هوندي ته سنڌي اخبارن جا نه ايڊيٽر ٿا پڇن نه سرڪار سڳوري. پر پوءِ رکي رکي جتوئي ۽ سندس ساٿي پوليس / FIA آفيسرن جا هن قسم جا قرب ڏسي هڪ دفعو وري همت وڌندي آهي.“هن ڪتاب ۾ سئيڊن جي سردي ۽ مهنگائي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو پوڙهو، ڪشتو کڻي پئسا به گهري رهيو آهي ۽ هيٺان ڪنهن ڇٻيءَ ۾ گرم ڪپڙا پڻ گڏ ڪندو وڃي. سندس ايشيائي هجڻ جو اهڃاڻ، سندس اکين جي ڪارن گهٻن مان محسوس ڪر ي سگهجي ٿو. الطاف، چمڙي جي جئڪيٽ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس قيمت جو پڻ جيڪا پاڪستان ۾ هزار رپيا ۽ سئيڊن ۾ ڏهه هزار رپيه ملي ٿي. انهيءَ تي مون کي صوفيه لارين جي انگريزي فلم ”سن فلاور“ (Sun Flower) ياد آئي جنهن ۾ هيرو جڏهن جنگ تي وڃي ٿو ته سندس زال محبوبه کيس چمڙي جي جئڪيٽ آڻڻ لاءِ چوي ٿي. بدقسمتي سان اهو هيرو جنگ ۾ وڃائجي وڃي ٿو ۽ شايد برف ۾ سندس بيمار جسم اٽليءَ جي هڪ ڇوڪري کڻي ٿي جنهن سان هو زندگي بچائڻ جي ڪري شادي ڪري ٿو ڇڏي. ڪيئي سالن بعد جڏهن سندس پهرين زال ۽ محبوبه کيس ڳولهيندي پهچي ٿي ۽ سندس ٻي زال ڏسي واپس موٽي ٿي تڏهن هيرو کيس چمڙي جي جئڪيٽ ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هيءَ جئڪيٽ، مون تولاءِ جنگ جي دوران ورتي هئي.ان، وقت مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته چمڙي جي معمولي جئڪيٽ، ان فلم جي هيروئن لاءِ ڪهڙي اهميت رکي سگهي ٿي. پر الطاف جو هيءُ سفرنامو پڙهي ۽ سئيڊن ۾ جئڪيٽ جي اهميت ڏسي محسوس ٿيو ته ان فلم جو هيرو، پنهنجي محبوبه کي هڪ نرالو تحفو ڏنو هو.ٿڌ جو ذڪر ڪندي الطاف ڪيئي سهڻيون تشبيهون ڏنيون آهن، جن مان هيءَ تشبيهه ذڪر جوڳي آهي:”۽ هي سئيڊن جهڙا ملڪ اتر قطبي ۽ سائبيريا واري ويڪرائي ڦاڪن جا ملڪ سڏجن ٿا جتي مارچ، اپريل مهينن ۾ به برف باري ۽ ٿڌيون هوائون پيون لڳن ۽ اندران لانگ جان (ڪاٽن يا اون جي ڊگهي گنجي ۽ پجامو)، قميص، پتلون، سئيٽر، ڪوٽ، جئڪيٽ ۽ مفلر ٽوپ پائڻ سان به گهڻي ٿڌ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو وهنجي ايئرڪنڊيشنر اڳيان اگهاڙو بيٺو آهي.“ان کان علاوه سئيڊن توڙي اسڪينڊينيون ملڪن ناروي، فن لئنڊ ۽ ڊينمارڪ ۾ روز شادي روز طلاق جو ڪافي ذڪر آڏو آيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي فلسفا سامهون اچن ٿا. عورت آزاد تحريڪن کان وٺي انسان جي بنيادي آزادين واريون تحريڪون ماڻهو سوچي سگهي ٿو. ساڳئي وقت مذهبي ارتقا کان وٺي ڪميونسٽ سماج جي ٽٽڻ تائين جيڪا نظرياتي ويڙهه، دنيا جي انسانذات آڏو گهمي آئي آهي، تنهن اهو ثابت ڪر ي ڏيکاريو آهي ته هڪ عورت لاءِ هڪ مرد کانسواءِ، ۽ هڪ مرد لاءِ، هڪ عورت کانسوءِ وڌيڪ جنس پرستي ائبنارمل آهي _ ايڊز، قدرت جي پيدا ڪيل تمام وڏي ۽ خطرناڪ بيماري، انسانذات کي ڏڪائي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري هاڻ ٿائيلينڊ ۾ به چڪلن تي آهستي آهستي بندش پئجي رهي آهي.ائين جلدي ۾ شاديون ڪرڻ ۽ طلاقون ڏيڻ، واقعي پاڪستان يا ايشيا جي غريب ملڪن وارن ماڻهن لاءِ ڪنهن مطلب جي تحت آهي جو ٽين دنيا جي ماڻهوءَ کي هڪ منظم زندگي نه ملي سگهي آهي. هُن ٺڳيءَ کانسواءِ ڪجهه ڪمائڻ ۽ ٺاهڻ سکيو ئي ناهي. باقي هڪ آزاد زندگيءَ جي تصور ۾ پنهنجي مرضيءَ کان بغير زندگي گذارڻ لاءِ اهو قانون ٿي سگهي ٿو. هنن جي آبهوا کي ٺهڪي ايندو هجي. انهيءَ باري ۾ ڪا راءِ تڏهن قائم ڪري سگهجي ها جڏهن الطاف ڪو سنجيده ڪردار سامهون کڻي اچي ها.هن سئيڊن ۾ رهڻ دوران تيرهن سؤ صفحا لکيا آهن ۽ هي ڪتاب شايد سندس اوائلي ڇهن مهينن دوران لکيل آهي. ڪيئي ڳالهيون جيڪي پڙهندڙ کي کوٽ محسوس ڪرائينديون هونديون، يقيناً سندس ايندڙ ڪتابن: ملير کان مالمو، جت برف پوي ٿي جام، يورپ جا ڏينهن ۽ راتيون وغيره ۾ پورائو ڪري وينديون.
ــــــــــــــــــــــــــ امير ابڙو
تي ڪلڪ ڪريو Save Target As ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري

No comments:

Post a Comment